شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي 283هين سالياني عرس جي تيارين لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس، بهتر انتظامن جون هدايتون

2 Min Read

ڀٽ شاهه (رپورٽ: علي رضا ميرجت): حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي 283هين سالياني عرس مبارڪ جي تيارين جي جائزي لاءِ ڀٽ شاهه ۾ اعليٰ سطحي اجلاس صوبائي وزير ثقافت ۽ سياحت سيد ذوالفقار علي شاهه جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو.

اجلاس ۾ درگاهه جي گادي نشين سيد مصطفىٰ شاهه، چيئرمين ٽائون ڪاميٽي ڀٽ شاهه سيد خاور حسين شاهه، سيڪريٽري ثقافت، ڪمشنر حيدرآباد، ڊي آءِ جي، ڊپٽي ڪمشنر، اوقاف، صحت، اطلاعات، لوڪل گورنمينٽ، حيسڪو، ريسڪيو 1122 ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران عرس مبارڪ جي تيارين، سيڪيورٽي پلان، صفائي سٿرائي، ٽريفڪ انتظام، طبي سهولتن، بجلي، پيئڻ جي پاڻي ۽ زائرين کي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ بابت تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو.

ان موقعي تي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته عرس مبارڪ جي سمورن انتظامن کي وڌيڪ اثرائتو ۽ منظم بڻايو وڃي، زائرين جي سهولت لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا وڃن ۽ ڪنهن به قسم جي غفلت يا ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.

هن چيو ته هن سال عرس مبارڪ جا انتظام گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر بڻايا ويندا، جڏهن ته سنڌ حڪومت جا سمورا ادارا پاڻ ۾ بهتر رابطي ۽ هم آهنگي سان پنهنجون ذميواريون نڀائين.

صوبائي وزير چيو ته سنڌ صوفين، امن، محبت ۽ ڀائيچاري جي ڌرتي آهي، جتي ماڻهو مذهبي ۽ ثقافتي ڏڻ گڏجي ملهايندا آهن. هن چيو ته اسان شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست ۽ لال شهباز قلندر جي فڪر جا وارث آهيون، تنهنڪري صوفي روايتن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ زائرين کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي.

Share This Article
Leave a Comment