مٽياري: معذور ڪوٽا ۾ نظرانداز ٿيڻ خلاف معذور نوجوانن جو احتجاج

2 Min Read

مٽياري (رپورٽ: عادل علي خشڪ) مٽياري ضلعي ۾ معذور ڪوٽا تحت نوڪرين ۾ نظرانداز ٿيڻ خلاف معذور نوجوانن سٽي پريس ڪلب مٽياري آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ۾ وسيم احمد سولنگي، سڪيلڌو انڙ، سهيل مير جت، ساوڻ راهو، ساجد احمد ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو 2015ع کان وٺي معذور ڪوٽا تحت پنهنجن حقن لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن.

هنن چيو ته مٽياري، هالا، سعيد آباد، اڏيرو اسٽيشن، حيدرآباد ۽ ڪراچي جي پريس ڪلبن آڏو پڻ ڪيترائي احتجاج ڪري چڪا آهن ۽ مختلف وزيرن سان به ملاقاتون ڪيون، پر سندن مسئلو اڃا تائين حل نه ٿيو آهي.

مظاهرين جو چوڻ هو ته ملڪ جي آئين موجب معذور ماڻهن لاءِ پنج سيڪڙو نوڪرين جو ڪوٽا مقرر آهي، پر اها حقيقي معذورن کي ڏيڻ بدران من پسند ماڻهن کي ڏني پئي وڃي.

هنن وزيراعليٰ سنڌ، لاڳاپيل وزير، ڪمشنر حيدرآباد ۽ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري کان مطالبو ڪيو ته معذور ڪوٽا تحت کين نوڪرين جا آرڊر جاري ڪري سندن محرومي ختم ڪئي وڃي.

احتجاج ڪندڙن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندن مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌائي سي ايم هائوس آڏو مرڻ گهڙيءَ تائين ڌرڻو هنيو ويندو.

Share This Article
Leave a Comment