واشنگٽن / تهران (ويب ڊيسڪ): آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ وڌيڪ خطرناڪ مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي. آمريڪي فوج جي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽ ڪام) موجب 13 جولاءِ جي رات ايران تي لڳاتار پنج ڪلاڪن تائين هوائي حملا ڪيا ويا.
سينٽ ڪام جو چوڻ آهي ته حملن دوران ايران جي سامونڊي علائقن بوشهر، چابهار، جاسڪ، ڪنارڪ، ابو موسيٰ ۽ بندر عباس ۾ موجود فوجي ٺڪاڻا، ميزائل ۽ ڊرون اڏا نشانو بڻايا ويا. آمريڪي فوج موجب ان ڪارروائي ۾ جديد هٿيار استعمال ڪيا ويا ته جيئن ايران جي سامونڊي حملا ڪرڻ جي صلاحيت کي ڪمزور بڻائي سگهجي.
آمريڪي فوج وڌيڪ دعويٰ ڪئي آهي ته وچ اوڀر ۾ 50 هزار کان وڌيڪ آمريڪي فوجي الرٽ حالت ۾ موجود آهن.
ٻئي طرف ايراني ميڊيا موجب حملن دوران خوزستان صوبي جي شهر اميديه ۾ چار ڄڻا زخمي ٿيا، جڏهن ته قشم، ابو موسيٰ ۽ ڪيش ٻيٽن تي به ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا. اتر عراق جي اربيل ڀرسان به هڪ ميزائل حملي جي خبر سامهون آئي آهي.
جوابي ڪارروائي ۾ ايران جي پاسدارانِ انقلاب گڏيل عرب امارات جي ٻن تيل کنيل سپر ٽينڪرن تي ميزائل حملا ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. گڏيل عرب امارات جي بچاءَ واري وزارت موجب عمان جي سامونڊي حدن ۾ “مومباسا” ۽ “باهيه” نالي ٻن جهازن تي ڪروز ميزائل لڳڻ سبب ٻنهي ۾ باهه لڳي وئي.
يو اي اي موجب حملي ۾ هڪ ڀارتي شهري فوت ۽ اٺ ڄڻا زخمي ٿيا، جن ۾ چار ڀارتي ۽ ٻه يوڪريني شهري شامل آهن. گڏيل عرب امارات حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته هو عالمي قانون تحت پنهنجي اثاثن جي بچاءَ جو حق رکي ٿو.
هوڏانهن ايران جو چوڻ آهي ته اهي جهاز خبردارين باوجود نه بيٺا ۽ نيويگيشن سسٽم بند ڪري عماني سامونڊي حدن مان گذري رهيا هئا، جنهن سبب کين نشانو بڻايو ويو.
ايران اها به دعويٰ ڪئي آهي ته هن بحرين ۾ قائم آمريڪي فوجي اڏي الجفير تي ميزائلن ۽ ڊرونن سان حملو ڪيو، جتي هٿيارن جا گودام ۽ فوجي رهائشگاهون نشانو بڻايون ويون.


