پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا انڊر 19 عورتن جي ٽي20 سيريز، سڀني ميچن لاءِ مفت داخلا جو اعلان

1 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جي انڊر 19 عورتن جي ٽي20 سيريز جي سڀني پنجن ميچن لاءِ شوقينن کي مفت داخلا ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

پي سي بي موجب سيريز جون سڀئي ميچون ڪراچي جي نيشنل بئنڪ اسٽيڊيم ۾ کيڏيون وينديون. پهرين ميچ 14 جولاءِ، ٻي 17 جولاءِ، ٽئين 19 جولاءِ، چوٿين 22 جولاءِ ۽ آخري ميچ 24 جولاءِ تي ٿيندي.

شوقين ظهير عباس ۽ ماجد خان انڪلوزرن ۾ بغير ٽڪيٽ جي ويهي ميچون ڏسي سگهجن ٿيون.

سيريز جي ٽرافي جي مهورت پاڪستاني ڪپتان فضه فياض ۽ ڏکڻ آفريڪا جي ڪپتان ميڪي وين وورسٽ نيشنل بئنڪ اسٽيڊيم ۾ ڪئي.

پاڪستاني ڪپتان فضه فياض چيو ته پنهنجي ميدان تي کيڏڻ هميشه خاص احساس هوندو آهي. هن چيو ته ٽيم ڀرپور تياري ڪئي آهي ۽ ڏکڻ آفريڪا خلاف بهترين راند پيش ڪرڻ لاءِ پرجوش آهي.

هن وڌيڪ چيو ته گذريل سال بنگلاديش خلاف سيريز کٽڻ سان ٽيم جو اعتماد وڌيو، پر ڏکڻ آفريڪا مضبوط مخالف آهي، تنهن ڪري بيٽنگ، بالنگ ۽ فيلڊنگ جي هر شعبي کي نظر ۾ رکيو ويندو.

Share This Article
Leave a Comment