ٽنڊو محمد خان: گذريل رات کان گم ڄاڻايل پراپرٽي ڊيلر اعجاز ميمڻ جو ڦليلي واهه مان لاش هٿ

1 Min Read

ٽنڊو محمد خان ( رپورٽ: امتياز مڱريو )  ٽنڊو محمد خان جو رهواسي ۽ پراپرٽي ڊيلر اعجاز ميمڻ مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو، سندس لاش لاش ماتلي ڀرسان ڦليلي واهه مان هٿ آيو آهي.

پوليس موجب 65 ورهين جو اعجاز ميمڻ گذريل رات پراسرار طور گهر مان نڪري گم ٿي ويو هو. بعد ۾ سندس لاش ماتلي ۾ ڦليلي واهه جي پل ڀرسان مليو، جنهن کي ايمبولينس ذريعي ٽنڊو محمد خان جي سرڪاري اسپتال منتقل ڪيو ويو.

وارثن موجب اعجاز ميمڻ گهر مان نڪرڻ وقت پنهنجو پرس ۽ موبائيل فون گهر ۾ ئي ڇڏي ويو هو، جڏهن ته شروعاتي طور واقعي کي مبينا آپگهات قرار ڏنو پيو وڃي.

اعجاز ميمڻ شادي شده نه هو. وارثن جو چوڻ آهي ته گذريل ڪجهه سالن دوران سندس ٻن ڀائرن، رٽائرڊ بئنڪ مئنيجر اعظم ميمڻ ۽ رٽائرڊ سوشل ويلفيئر آفيسر امتياز ميمڻ، پڻ مبينا طور آپگهات ڪيو هو.

اعجاز ميمڻ، ٽنڊو محمد خان جي ميونسپل ڪميٽي جي مرحوم آفيسر قادر بخش ميمڻ جو آخري فرزند هو.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي، جڏهن ته موت جي اصل سببن بابت حتمي راءِ جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ سامهون ايندي.

Share This Article
Leave a Comment