ٻٽي نوڪري جي الزام هيٺ آيل مڪاني کاتي جو آفيسر عمران سيال  معطل

1 Min Read

ڪراچي ( رپورٽ: ثناءُ الله هاشماڻي )  سنڌ جي مڪاني کاتي  ٻٽي سرڪاري نوڪري  جي الزام هيٺ ٽائون ڪميٽي باڊهه جي ٽائون آفيسر ۽ ميونسپل ڪميٽي پيرجوڳوٺ (ڪنگري) جي اضافي چارج رکندڙ آفيسر عمران خان سيال کي فوري طور معطل ڪري ڇڏيو.

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، بي پي ايس-16 جي آفيسر عمران خان سيال، جيڪو ٽائون ڪميٽي باڊهه، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٽائون آفيسر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو ۽ ساڳئي وقت ميونسپل ڪميٽي پيرجوڳوٺ (ڪنگري)، ضلعي خيرپور جي چيف ميونسپل آفيسر جي اضافي چارج به سنڀالي رهيو هو، کيس ٻٽي سرڪاري نوڪري جي بنياد تي فوري اثر سان معطل ڪيو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته معطلي واري عرصي دوران سندس هيڊڪوارٽر سنڌ لوڪل گورنمينٽ بورڊ مقرر ڪيو ويو آهي.

حڪم نامي موجب عمران خان سيال خلاف چارج شيٽ ۽ الزامن جو تفصيلي بيان الڳ سان جاري ڪيو ويندو.هي معطلي وارو حڪم 20 جولاءِ 2026ع تي سنڌ لوڪل گورنمينٽ بورڊ پاران جاري ڪيو ويو آهي.

Share This Article
Leave a Comment