گمبٽ ( رپورٽ: ممتاز ميمڻ ) پريا ايڪشن ڪميٽي اعلان ڪيو آهي ته اغوا ٿيل ٻارن جي بازيابي لاءِ مطالبا نه مڃڻ خلاف اربع ڏينهن شام 5 وڳي ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي هڪ ڀيرو ٻيهر ڌرڻو هنيو ويندو.
ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن موجب رڳو ٻٻرلوءِ باءِ پاس نه، پر پنجاب سان لڳندڙ سمورا بارڊر پڻ بند ڪيا ويندا، جڏهن ته ڌرڻي جي حمايت ۾ واڌو واهه ۽ ڪراچي جي ٽي تلوار تي به احتجاجي ڌرڻا لڳايا ويندا.
پريس ڪانفرنس ڪندي اڳواڻن چيو ته پوليس کين خاطري ڪرائي هئي ته ٽن ڏينهن اندر اغوا ٿيل ٻار بازياب ڪيا ويندا، پر بازيابي بدران وارثن ۽ احتجاج ڪندڙن کي ڌمڪيون ڏنيون ويون.
هنن الزام هنيو ته سکر واسي اغوا ٿيل خشي مهر جي وارثن کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڌرڻي واري هنڌ قائم پوليس ڪيمپ تي ٽن ڏينهن دوران ڪو به اعليٰ پوليس آفيسر نه آيو.
ايڪشن ڪميٽي اڳواڻ لياقت جلباڻي چيو ته کين يقين ڏياريو ويو هو ته مختلف ضلعن جا ايس ايس پيز ڪيمپ تي اچي اغوا ٿيل ماڻهن بابت بريفنگ ڏيندا، پر اهڙو ڪو به واعدو پورو نه ڪيو ويو.
ايڪشن ڪميٽي حڪومت ۽ پوليس کان مطالبو ڪيو آهي ته اغوا ٿيل ٻارن کي فوري طور بازياب ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويندو.


