فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ڪينيڊا جي پرڏيهي وزير جي ملاقات

1 Min Read

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ )  آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ڪينيڊا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي ۾ ملاقات ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن، علائقائي امن امان ۽ پاڪستان ۽ ڪينيڊا جي ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

فيلڊ مارشل سيد عاصم منير عالمي امن ۽ علائقائي استحڪام بابت پاڪستان جي مؤقف کي اجاگر ڪندي گڏيل سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ تعاون ۽ گڏيل ڪوششن جي اهميت تي زور ڏنو.

آءِ ايس پي آر موجب ڪينيڊا جي پرڏيهي وزير دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪوششن، قربانين ۽ علائقي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ادا ڪيل تعميري ڪردار کي ساراهيو.

ملاقات دوران ٻنهي ڌرين پاڪستان ۽ ڪينيڊا وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ دفاعي ۽ سيڪيورٽي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

Share This Article
Leave a Comment