ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 10 ڏينهن لاءِ جنگبندي تي غور

1 Min Read

تهران ( ويب ڊيسڪ ) ايراني اختيارين موجب ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ عبوري معاهدي جي بحالي لاءِ ڳالهين دوران 10 ڏينهن جي جنگبندي جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي.

برطانوي خابرو اداري سان ڳالهائيندي هڪ ايراني اعليٰ عهديدار چيو ته ڳالهين ڪندڙن 10 ڏينهن جي جنگبندي جي تجويز ڏني آهي، جنهن جو مقصد ٻنهي ڌرين وچ ۾ مفاهمتي يادداشت کي ٻيهر بحال ڪرڻ جا طريقا ڳولڻ آهي.

رپورٽ موجب جنگبندي واري تجويز ۾ آبنائي هرمز کي 10 ڏينهن کان ٻن هفتن تائين کولڻ بابت به غور ڪيو پيو وڃي، ته جيئن علائقي ۾ ڇڪتاڻ گهٽجي ۽ سفارتي ڳالهين لاءِ سازگار ماحول پيدا ٿي سگهي.

ايراني عهديدار موجب تجويز تي لاڳاپيل ڌريون غور ڪري رهيون آهن، جڏهن ته ان حوالي سان حتمي فيصلو اڃا سامهون ناهي آيو.

Share This Article
Leave a Comment