نيتن ياهو آمريڪا آيو ته کيس گرفتار ڪرڻ نه ڏيندس: ڊونلڊ ٽرمپ جو اعلان

2 Min Read

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ )  آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ايران مستقبل ۾ ڪنهن به آمريڪي فوجي کي قتل ڪندو ته ان کي ان جي “ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ قيمت” ادا ڪرڻي پوندي.

سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ ٽرمپ چيو ته هن آمريڪي بچاءَ واري وزير پيٽ هيگسيٿ، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جنرل ڊينيئل ڪين ۽ آمريڪي فوج کي ان حوالي سان واضح هدايتون ڏئي ڇڏيون آهن.

ٻئي طرف آمريڪي بچاءَ واري وزارت پينٽاگون تصديق ڪئي آهي ته گذريل هفتي اتر عراق ۽ اردن ۾ ايراني حملن دوران ٽي آمريڪي فوجي مارجي ويا هئا. آمريڪي ميڊيا موجب ڪجهه اڻسڃاتل انساني عضون جي جاچ جاري آهي، جنهن سبب فوتين جي انگ ۾ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.

هڪ ٻئي بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هو اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو کي آمريڪا جي دوري دوران ڪنهن به صورت ۾ گرفتار ٿيڻ نه ڏيندا. هن دعويٰ ڪئي ته نيتن ياهو ايران خلاف جنگ وڙهي رهيو آهي، جڏهن ته ايران تي آمريڪي فوجين ۽ ٻين ماڻهن تي حملن جا الزام پڻ هنيا.

ٽرمپ جو اهو بيان نيويارڪ جي ميئر ظهران ممداني جي ان بيان کانپوءِ سامهون آيو، جنهن ۾ هن چيو هو ته نيتن ياهو جي نيويارڪ آمد جي صورت ۾ سندس گرفتاري جي قانوني امڪانن جو جائزو ورتو پيو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment