ڏهرڪي (علي رضا راجپوت):ڏهرڪي ڀرسان ڀاڳو ڀٽو واري علائقي ۾ ٽرين جو ٽڪر لڳڻ سبب نوجوان فوت ٿي ويو.
فوتي جي سڃاڻپ ڳوٺ نور حسن شاهه واسي سيد شوڪت علي شاهه پٽ سيد نواب علي شاهه طور ڪئي وئي آهي.
واقعي کانپوءِ اطلاع تي پوليس ۽ لاڳاپيل عملو پهچي نوجوان جو مڙهه سول اسپتال منتقل ڪيو، جتي ضروري قانوني ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.
پوليس موجب واقعي جي سببن بابت جاچ جاري آهي، جڏهن ته نوجوان جي اوچتي فوتگي سبب علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي.


