ڪوٽڙي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ خلاف ايس ٽي پي جو احتجاج

1 Min Read

ڄامشورو (باسط ملاح سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلعي ڄامشورو جي سڏ تي ڪوٽڙي جي ضلعي هيڊ ڪوارٽر اسپتال ۾ دوائن جي مبينا کوٽ ۽ اسپتال جي انتظاميا خلاف اسپتال جي مک دروازي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

احتجاج ۾ پارٽي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مظاهرين هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي ڪئي

ان موقعي تي اڳواڻن الزام هنيو ته اسپتال ۾ مريضن کي بنيادي دوائون ۽ علاج جون سهولتون فراهم نٿيون ڪيون وڃن، جنهن سبب خاص طور غريب مريض سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

ايس ٽي پي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ فوري طور ختم ڪري مريضن کي بهتر ۽ معياري طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

Share This Article
Leave a Comment