شڪارپور: شڪارپور واسي يارهين ڪلاس جو شاگرد نور مصطفيٰ ميراڻي پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي، جنهن جي وارثن پريس ڪلب پهچي پوليس اختيارين سميت وس وارن کي سندس ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي آهي.
وارثن ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته نور مصطفيٰ ميراڻي ڪجهه ڏينهن اڳ گهران نڪتو ته واپس ناهي موٽيو
هنن چيو ته نوجوان جي ڳولا لاءِ پنهنجن مٽن مائٽن ۽ مختلف هنڌن تي ڪوششون ڪيون آهن، ر سندس ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي.
وارثن اپيل ڪئي ته جيڪڏهن ڪنهن کي نور مصطفيٰ ميراڻي بابت ڪا به ڄاڻ يا اطلاع ملي ته فوري طور ويجهي پوليس اسٽيشن تي ڏنو وڃي.
وارثن اختيارين کان پڻ مطالبو ڪيو ته نوجوان جي جلد ڳولا ڪري کيس بازياب ڪرائي گهر ڀاتين جي پريشاني ختم ڪئي وڃي.


