سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنائي ڪهڙو پيغام ڏنو، ايراني صدر تفصيل ٻڌائي ڇڏيا

2 Min Read

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته هن وقت مجتبيٰ خامنه اي تائين پهچ ۽ ساڻس رابطن جي سطح اڳ کان وڌيڪ وڌي وئي آهي.

صنعتن، کاڻين ۽ اقتصادي ادارن جي مالڪن جي هڪ تقريب کي خطاب ڪندي مسعود پزشڪيان چيو ته ڪجهه غلط بيان، جيڪي حقيقتن جي مختلف رخن کي نظرانداز ڪن ٿا، ڪاميابين کي گهٽائي پيش ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿا.

ايراني صدر آمريڪا سان ڳالهين بابت غير مناسب تبصرن تي تنقيد ڪندي چيو ته سرڪاري نشرياتي ادارو رڳو مجتبيٰ خامنه اي جا اُهي بيانن کي نشر ڪري ٿو، جن ۾ ”ڳالهيون نه ڪرڻ“ جو ذڪر هوندو آهي، جڏهن ته خانگي اجلاسن ۾ هو جنگي صورتحال ختم ڪرڻ ۽ امن جي ضرورت تي زور ڏيندو آهي، انهيءَ ڪري ئي اسان ڳالهيون شروع ڪيون.

واضح رهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن دورانايران اندر آمريڪا سان ڳالهين ۽ تازي مفاهمتي يادداشت خلاف وڏي پيماني تي مخالفت سامهون آئي آهي.

ٻئي پاسي ايراني سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي قيادت جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ عوام آڏو ظاهر نه ٿيو آهي، نه ئي سندس ڪا وڊيو يا آواز جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سندس طرفان رڳو لکت ۾ پيغام جاري ڪيا ويا آهن.
هاڻي مسعود پزشڪيان انهن ٿورن ماڻهن مان هڪ آهي، جن دعويٰ ڪئي آهي ته هن مجتبيٰ خامنه اي سان ملاقات ڪئي آهي.

Share This Article
Leave a Comment