راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) ايران جي گهرو وزير اسڪندر مومني جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي ۾ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان اهم ملاقات ڪئي، جنهن دوران علائقائي ۽ ٻطرفي سيڪيورٽي صورتحال، بارڊر مينيجمينٽ ۽ گڏيل تعاون بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
آءِ ايس پي آر موجب، ايراني گهرو وزير جي جي ايڇ ڪيو آمد تي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سندس آجيان ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڪيورٽي سهڪار، سرحدي معاملن ۽ خطي جي مجموعي امن امان واري صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
آءِ ايس پي آر موجب، ملاقات ۾ خاص طور تي مؤثر بارڊر مينيجمينٽ، ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ سيڪيورٽي تعاون کي هٿي وٺرائڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ٿي.
بيان موجب، ايراني گهرو وزير اسڪندر مومني علائقي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ پاڪستان جي مسلسل ڪوششن ۽ اهم سفارتي ڪردار کي ساراهيو. هن امن جي قيام، ڳالهين ذريعي تڪرارن جي حل ۽ خطي ۾ استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي قابلِ تعريف قرار ڏنو.
آءِ ايس پي آر موجب، ملاقات دوران ٻنهي ڌرين مستقبل ۾ به ويجهي رابطي کي برقرار رکڻ، علائقائي سيڪيورٽي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل خوشحالي لاءِ تعاون جي موجوده نظام کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ باهمي سهڪار، رابطن ۽ هم آهنگي کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ سان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي کي فروغ ملي سگهندو.


