واشنگٽن / تهرام / ڪويت (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ هلندڙ فوجي تڪرار نئين ۽ خطرناڪ موڙ ۾ داخل ٿي ويو آهي. ٻنهي ملڪن جي فوجن پاران سخت جوابي ڪارروايون، آمريڪي سياسي ايوانن ۾ نئين هنگامي صورتحال ۽ علائقائي تناظر ۾ سخت گرماگرمي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي.
ايراني فوج پاران ڪويت ۾ موجود آمريڪا جي اهم ترين فوجي مرڪزن مان هڪ ڪيمپ الدوحہ ۽ علي السالم ايئر بيس کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. ايراني پاسدارانِ انقلاب موجب، هن ڪارروائي ۾ علي السالم ايئر بيس وٽ نصب ٿيل آمريڪي پيٽريئٽ ريڊار سسٽم کي مڪمل طور تي تباهه ڪيو ويو آهي.
آمريڪي فوج لاڳيتو 11 هين رات به ايران خلاف فضائي حملا جاري رکيا. آمريڪي دفاعي اختيارين موجب، تازن حملن ۾ ايراني فوج جي بنيادي آپريشنل مرڪزن ۽ دفاعي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو آهي.
ايران واضح تنبيهه ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي ڪو به حملو ڪيو، ته پوءِ ان سڄي خطي ۾ موجود آمريڪا ۽ ان جي اتحادي ملڪن جي سڀني مفادن، اڏن ۽ اثاثن کي سخت جوابي ڪارروائي تحت نشانو بڻايو ويندو.
ٽرمپ انتظاميه ايران سان وڌندڙ فوجي تڪرار ۽ جنگي خرچن کي منهن ڏيڻ لاءِ آمريڪي ڪانگريس کان تقريبن 87 ارب ڊالر جي هنگامي فنڊن جي منظوري گهري ورتي آهي.
ايران سان جنگ خلاف آمريڪي عوام جو احتجاج نئين شدت اختيار ڪري ويو آهي.
آمريڪي جنگ واري وزير جي سينيٽ جي ڪميٽي آڏو پيشيءَ دوران مظاهرين هال ۾ داخل ٿي ويا، جنهن کانپوءِ امن امان برقرار رکڻ لاءِ پوليس گهرائڻي پئي.
عراقي سيڪيورٽي ذريعن موجب، اربيل شهر ۾ موجود آمريڪي قونصل خاني جي ويجهو ايراني حمايت رکندڙ پرڏيهي ڳجهي دفاعي اوزارن پاران ڪيل 3 ڊرون ڪيرائي تباهه ڪيا ويا آهن.
تيل کڻندڙ آئل ٽينڪر تي ٿيل حملن ۽ علائقائي سيڪيورٽي جي ڀڃڪڙي تي ڪويت سخت قدم کڻندي، ايران جي سفير کي پرڏيهي وزارت ۾ طلب ڪري باقاعده سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي.
آمريڪي انٽيليجنس پاران جاري ڪيل جائزي واري رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آمريڪا پاران ايران تي ڪيل مسلسل سخت فضائي ۽ فوجي حملن جي باوجود ايران جي موقف يا حڪمت عملي ۾ تبديلي اچڻ جو امڪان تمام گهٽ آهي، ۽ ايران علائقائي طور تي ردعمل جاري رکڻ جي صلاحيت رکي ٿو.


