جيڪب آباد ۾ کدڙي فقير جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي سگهي

1 Min Read

جيڪب آباد (حاڪم علي) جيڪب آباد جي سٽي ٿاڻي جي حد ۾ مولاداد ڦاٽڪ ڀرسان هڪ کدڙي فقير جو لاش هٿ آيو، جنهن کانپوءِ علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو.

اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال منتقل ڪيو، جتي لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي ۽ وارثن جي انتظار ۾ اسپتال جي مرده خاني ۾ رکيو ويو آهي.

سول اسپتال جي ڊاڪٽر منظور احمد سومري موجب فوتي جي جسم تي تشدد جا ڪي به نشان موجود ناهن، شروعاتي جائزي موجب سندس موت طبي سببن جي ڪري ٿيو لڳي.

پوليس موجب علائقي واسين لاش ڏسي اطلاع ڏنو، جنهن بعد لاش کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ فوتي جي سڃاڻپ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

Share This Article
Leave a Comment