ايف آءِ اي پاران افغان شهرين کي غيرقانوني سڃاڻپ دستاويز ٺاهي ڏيڻ جي الزام هيٺ فياض جهنجهي سميت 4 ڄڻن جي گرفتاري ظاهر

1 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ وفاقي جاچ اداري ايف آءِ اي گڏيل انٽيليجنس ڪارروائي دوران افغان شهرين لاءِ مبينا طور جعلي سڃاڻپ وارا دستاويز تيار ڪرڻ واري نيٽ ورڪ ۾ ملوث هجڻ جي الزام هيٺ نادرا جي ٻن آفيسرن سميت 4 ڄڻن جي گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي آهي.

ايف آءِ اي جي جاري ڪيل پڌرائي موجب گرفتار ٿيلن ۾ فياض احمد جنجهي (ڊپٽي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر، نادرا)، انعام الحق (اسسٽنٽ ڊائريڪٽر، نادرا)، جنيد احمد (چوڪيدار، نادرا) ۽ محمد عمر شاهه (خانگي ايجنٽ) شامل آهن.

شروعاتي جاچ موجب جوابدار مبينا طور افغان شهرين لاءِ جعلي سڃاڻپ وارا دستاويز جاري ڪرائڻ، سرڪاري رڪارڊ ۾ ڦيرڦار ۽ ٻين غيرقانوني سرگرمين ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۾ ملوث رهيا. ايف آءِ اي موجب شروعاتي شاهدين مان هن نيٽ ورڪ جا دهشتگرد عنصرن سان مبينا لاڳاپا پڻ سامهون آيا آهن، جن بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.

ڪارروائي دوران اهم رڪارڊ ۽ ٻيا ثبوت پڻ تحويل ۾ ورتا ويا آهن، جڏهن ته جاچ جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويو آهي. ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته وڌيڪ اهم انڪشافن ۽ گرفتارين جو به امڪان آهي.

Share This Article
Leave a Comment