هنڱورجا (رپورٽر) هنڱورجا شهر ۽ ڀرپاسي ۾ وڌندڙ بدامني، چورين ۽ ڦرن خلاف سول سوسائٽي، سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ شهرين پاران احتجاجي پيادل امن مارچ ڪيو ويو، جنهن ۾ واپارين به پاڻمرادو ڪاروبار بند ڪري شرڪت ڪئي.
پريس ڪلب هنڱورجا کان حافظ عبدالسلام ميمڻ، ڪائونسلر پروفيسر امداد علي سومرو، غلام جعفر ٽانوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نڪتل امن مارچ پنجهٽي چوڪ تائين پهتو، جتي شرڪت ڪندڙن بدامني خلاف سخت نعريبازي ڪئي.
ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته گذريل ٻن مهينن دوران هنڱورجا ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بدامني عروج تي پهتل آهي، چوريون، ڦرون ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻجي ويا آهن، جڏهن ته شهري پنهنجن گهرن ۽ رستن تي به محفوظ ناهن رهيا.
هنن الزام هنيو ته پوليس ڏوهن تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، شهر ۾ ڏوهارين جو راڄ قائم ٿي ويو آهي ۽ عورتون توڙي نياڻيون به ڦرن کان محفوظ ناهن.
احتجاج ڪندڙن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن بدامني تي جلد ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته شهر ۾ اڻڄاتل مدي تائين شٽر بند هڙتال ڪري احتجاجي تحريڪ کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو.


