نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فلمي دنيا جون مشهور شخصيتون نصيرالدين شاهه ۽ راکي ساونت به دهلي ۾ جاري شاگردن جي احتجاج جي حمايت ۾ سامهون اچي ويون آهن ۽ مظاهرين خلاف پوليس ڪارروائي تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو آهي.
بالي ووڊ جي سينيئر اداڪار نصيرالدين شاهه احتجاج دوران مظاهرين تي مبينا تشدد جي مذمت ڪندي چيو آهي ته نوجوانن سان اهڙو رويو افسوسناڪ آهي.
انسٽاگرام تي جاري ڪيل وڊيو پيغام ۾ 76 ورهين جي اداڪار چيو ته جيڪڏهن ڪو اڻڄاڻ ۽ بي حس ماڻهو ملڪ جي قيادت ڪري ته هو چاهيندو ته سڄو سماج به اهڙو ئي بڻجي وڃي.
نصيرالدين شاهه چيو ته استاد هجڻ جي حيثيت سان کيس شاگردن کان گهڻو سکڻ جو موقعو مليو آهي، ان ڪري هو نوجوانن سان خاص همدردي رکي ٿو. هن احتجاج ڪندڙ شاگردن سان ٿيندڙ سخت رويي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ کين مايوس نه ٿيڻ جو پيغام ڏنو.
ٻئي طرف بالي ووڊ اداڪارا ۽ انٽرنيٽ شخصيت راکي ساونت به احتجاج ڪندڙ شاگردن تي مبينا تشدد خلاف آواز اٿاريو آهي.
راکي ساونت پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو ته شاگردن سان ٿيندڙ سلوڪ ڏسي کيس ڏک ٿيو آهي. هن چيو ته احتجاج ڪرڻ ماڻهن جو حق آهي ۽ پنهنجن حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ نوجوانن خلاف تشدد نه ٿيڻ گهرجي.
راکي ساونت چيو ته پيپر ليڪ، تعليم ۽ نوجوانن جي مسئلن تي سوال اٿاريندڙ شاگردن سان انصاف ٿيڻ گهرجي.
واضح رهي ته دهلي جي جنتر منتر تي جاري شاگرد احتجاج امتحاني پرچن ۾ مبينا بي ضابطگين، تعليمي سڌارن ۽ وفاقي تعليم واري وزير جي استعيفيٰ جي مطالبن تي ڪيو پيو وڃي.
احتجاج ۾ ڪيترين ئي سياسي ۽ سماجي شخصيتن کانپوءِ هاڻي فلمي دنيا جون شخصيتون به شاگردن جي حمايت ۾ سامهون اچي رهيون آهن.


