گمبٽ ۾ خوراڪ کاتي جا 5 ملازم معطل، بي ضابطگين جي الزام هيٺ جاچ شروع

1 Min Read

گمبٽ (ممتاز ميمڻ) خوراڪ کاتي بي ضابطگين جي الزام هيٺ هڪ فوڊ انسپيڪٽر ۽ 4 فوڊ سپروائيزرن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي.

معطل ڪيل ملازمن ۾ فوڊ انسپيڪٽر وحيد شيخ ۽ فوڊ سپروائيزر نديم شيخ، شفاعت بلوچ ۽ نصير ميمڻ سميت ٻيا شامل آهن.

ذريعن موجب معطل ڪيل ملازمن کي ڊائريڪٽر فوڊ جي آفيس ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جڏهن ته سندن خلاف انڪوائري ڪئي ويندي.

خوراڪ کاتي اختيارين جو چوڻ آهي ته جاچ دوران سامهون ايندڙ حقيقتن جي بنياد تي وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.

Share This Article
Leave a Comment