رائيونڊ جو هڪ شهري آزاد ڪشمير جو وزيراعظم ٿيڻ چاهي ٿو: بلاول ڀٽو جي نواز شريف تي تنقيد

3 Min Read

ميرپور  ( ويب ڊيسڪ )  پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ميرپور کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهان ٿو ۽ پيپلزپارٽي وچولي طبقي جي جماعت آهي، جيڪا هميشه عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي آهي، هن نالو وٺڻ کانسواءِ نواز شريف تي به تنقيد ڪئي.

ميرپور ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته صدر آصف علي زرداري 18هين ترميم ذريعي تاريخي ڪاميابي ماڻي، جنهن سان صوبن کي وڌيڪ اختيار مليا. هن چيو ته جيڪڏهن عوام پيپلزپارٽي کي واضح اڪثريت ڏني ته عوام جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا ۽ آزاد ڪشمير کي اهي حق ڏياريا ويندا، جيڪي پاڪستان جي ٻين شهرين کي حاصل آهن.

هن چيو ته هي آزاد ڪشمير جي تاريخ جي اهم چونڊ آهي ۽ جنهن منشور تحت گلگت ۾ ڪاميابي ماڻي، اهو ئي منشور آزاد ڪشمير ۾ به کڻي آيا آهيون. بلاول موجب هو ڪشميري عوام جي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکندو ۽ چاهي ٿو ته آزاد ڪشمير جي نمائندن کي قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ اين ايف سي جهڙن قومي فورمن ۾ به نمائندگي ملي.

پيپلزپارٽي جي چيئرمين مخالف ڌر تي تنقيد ڪندي چيو ته ڪجهه ماڻهو سمجهن ٿا ته 12 مهاجر سيٽون سندن کيسي ۾ آهن، جيڪا جمهوريت ۽ عوام سان ناانصافي آهي، جڏهن ته پيپلزپارٽي ئي اها جماعت آهي، جيڪا انهن سيٽن سان انصاف ڪرڻ چاهي ٿي. هن زور ڏيندي چيو ته ڪشمير جو فيصلو پنجاب، سنڌ يا اسلام آباد نه، پر ڪشميري عوام پاڻ ڪندو، ۽ حقِ حڪمراني کي رڳو 12 سيٽن تائين محدود نه رکڻ گهرجي.

بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته آزاد ڪشمير جو عوام هاڻي پراڻي نظام تي هلڻ لاءِ تيار ناهي، تنهنڪري عوام کين واضح اڪثريت ڏئي ته هو ڪشمير کي ان جا آئيني، سياسي ۽ معاشي حق ڏياريندا.

هن پنهنجي خطاب دوران مسلم ليگ (ن) تي پڻ تنقيد ڪئي ۽ چيو ته مريم نواز اهڙي ريت ڳالهائي ٿي، ڄڻ سندس والد يا چاچو ڪڏهن وزيراعظم نه رهيا هجن، جڏهن ته حقيقت اها آهي ته نواز شريف ٽي ڀيرا پاڪستان جو وزيراعظم رهي چڪو آهي. بلاول چيو ته آزاد ڪشمير جو وزيراعظم ڪشميري عوام پاڻ چونڊي، نه اسلام آباد يا رائيونڊ مان ان جو فيصلو ڪيو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment