منيلا ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو آهي ته آمريڪا ايران سان جنگ جي خاتمي لاءِ سفارتي ڳالهين جو در اڃا به کليل رکڻ چاهي ٿو، پر ايران کي ڪنهن به صورت آبنائي هرمز تي ڪنٽرول قائم ڪرڻ يا عالمي سامونڊي آمدرفت محدود ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
فلپائن جي گادي واري شهر منيلا ۾ آسيان اجلاس دوران صحافين سان ڳالهائيندي مارڪو روبيو چيو ته آمريڪا سفارتڪاري لاءِ تيار آهي، پر ايران جو عالمي آبي گذرگاهه تي پنهنجون شرطون لاڳو ڪرڻ ناقابل قبول آهي. هن الزام هنيو ته ايران عالمي واپاري جهازن کي نشانو بڻائي رهيو آهي ۽ اهو طئي ڪرڻ چاهي ٿو ته ڪهڙا جهاز آبنائي هرمز مان گذري سگهن ٿا، جيڪا ڳالهه آمريڪا ۽ عالمي برادري لاءِ قبول جوڳي ناهي.
مارڪو روبيو چيو ته آبنائي هرمز رڳو آمريڪا نه، پر سڄي دنيا لاءِ اهم واپاري رستو آهي، تنهنڪري عالمي برادري کي به هن معاملي تي پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
هن وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته تازين آمريڪا-اسرائيل ۽ ايران ڇڪتاڻ سبب ايران جي معيشت ۽ فوج کي وڏو نقصان پهتو آهي. سندس چوڻ هو ته تهران گذريل ٻن ڏهاڪن دوران قومي ترقي بدران پنهنجي وسيلن کي ميزائلن، ڊرون پروگرامن ۽ پنهنجي حمايت يافته هٿياربند گروهن تي خرچ ڪيو.
هڪ سوال جي جواب ۾ مارڪو روبيو چيو ته جنگي علائقن ۾ آمريڪي فوجين کي هميشه خطرا درپيش هوندا آهن، پر آمريڪا پنهنجي مفادن ۽ اتحادن جي تحفظ لاءِ ضروري قدم کڻندو رهندو.
هن زور ڀريو ته جيڪڏهن ايران واقعي سنجيده ڳالهين جو خواهشمند آهي ته آمريڪا به ڳالهين لاءِ تيار آهي، پر عالمي سامونڊي واپار ۽ بين الاقوامي تجارت کي خطري ۾ وجهڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي برداشت نه ڪيو ويندو.


