حڪومت جي خاطري، پيٽرول پمپ مالڪن ملڪگير هڙتال جو سڏ واپس وٺي ڇڏيو

2 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  آل پاڪستان پيٽرول پمپ مالڪن جي ايسوسيئيشن حڪومت طرفان مطالبن جي حل بابت خاطري ڪرائڻ کانپوءِ ملڪ گير هڙتال ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

وفاقي وزير پيٽروليم علي پرويز ملڪ ۽ پيٽرول پمپ مالڪن جي ايسوسيئيشن وچ ۾ ٿيل ڳالهين دوران پيٽروليم شين جي روزاني بنيادن تي اگهن جي نئين نظام، مارجن ۽ ٻين مطالبن تي تفصيلي خيال ونڊيو ويو، جنهن دوران حڪومت مالڪن جا خدشا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.

ان موقعي تي پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير پيٽروليم علي پرويز ملڪ چيو ته هو پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن جا ٿورائتا آهن، علائقائي صورتحال سبب سڀئي ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ سبب عوام به متاثر ٿيو آهي.

هن چيو ته وزيراعظم ۽ حڪومت عوام جي تڪليفن کان مڪمل طور آگاهه آهن ۽ حڪومت اربين رپيا خرچ ڪري عوام تي مهانگائي جو بار گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

علي پرويز ملڪ وڌيڪ چيو ته پيٽروليم سبسڊي لاءِ هڪ مڪمل نظام متعارف ڪرايو ويو آهي، جڏهن ته خطي ۾ ٻيهر جنگ جا خطرا وڌڻ سبب عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، تنهن هوندي به حڪومت عالمي معاهدن کي نظر ۾ رکندي پنهنجي گنجائش موجب نظام هلائي رهي آهي.

Share This Article
Leave a Comment