حق جي جنگ دوران هٿياربند فوج ملڪي سرحدن جو دفاع ڪيو: وزيراعظم

1 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته “معرڪه حق” دوران پاڪستان جي هٿياربند فوجن خودمختيار نظامن ۽ سائبر سيڪيورٽي جي مدد سان ملڪ جي سرحدن جو ڪاميابي سان دفاع ڪيو.

اسلام آباد ۾ انڊس روبوٽڪس اينڊ آٽونومس سسٽمز ايڪسپو جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اهڙيون نمائشون ۽ قدم پاڪستان کي 21هين صدي جي جديد ٽيڪنالاجي ۾ اڳواڻ ملڪن جي صف ۾ آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.

شهباز شريف چيو ته سلامتي جي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال قابلِ فخر آهي ۽ پاڪستان هن شعبي ۾ اهم ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. هن دعويٰ ڪئي ته ملڪ ۾ ڊرونز جي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ مقامي سطح تي تياري ممڪن بڻائي وئي آهي.

وزيراعظم موجب “معرڪه حق” دوران فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ هٿياربند فوجن جديد ٽيڪنالاجي کي مؤثر نموني استعمال ڪيو، جڏهن ته ايئر چيف ۽ نيول چيف جي سهڪار کي پڻ ساراهيو.

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري ۽ قومي سلامتي جي تحفظ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي، خودمختيار نظامن ۽ سائبر سيڪيورٽي کي وڌيڪ هٿي ڏيندو.

Share This Article
Leave a Comment