ملير: سي آءِ اي ۽ ايس آءِ يو پوليس سان مقابلي ۾ 3 ڏوهاري مارڻ جي دعويٰ، هڪ زخمي حالت ۾ گرفتار

1 Min Read

ملير(شاهد ڇڄڙو) ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي جي حد ۾ ۾ پوليس مقابلي ۾ 3 ڏوهارين کي مارڻ ۽ هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

سومار ڪنڊاڻي ڳوٺ ڀرسان سي آءِ اي ۽ ايس آءِ يو پوليس سان مبينا مقابلي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڦر ۽ ڀتي خوري جي وارداتن ۾ ملوث ٽي جوابدار مارجي ويا، جڏهن ته هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.

پوليس موجب مارجي ويل جوابدارن جي سڃاڻپ 48 ورهين جي راغب پٽ مسرت، 29 ورهين جي شاه رخ پٽ افتخار خان ۽ 21 ورهين جي علي حمزا پٽ نظير احمد طور ٿي آهي، جڏهن ته زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل جوابدار جي سڃاڻپ 28 ورهين جي وسيم احمد ولد محمد صفدر خان طور ڪئي وئي آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته مقابلي کانپوءِ مارجي ويل جوابدارن جا لاش ضروري قانوني ڪارروائي لاءِ ۽ زخمي جوابدار کي علاج لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب مارجي ويل ۽ گرفتار جوابدار ڦر ۽ ڀتي خوري جي مختلف وارداتن ۾ ملوث هئا.

Share This Article
Leave a Comment