ليفٽيننٽ جنرل عامر رضا کي فور اسٽار جنرل جي عهدي تي ترقي

1 Min Read

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف پاڪ فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل عامر رضا کي فور اسٽار جنرل جي عهدي تي ترقي ڏئي، کيس ڪمانڊر نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊ مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

وزيراعظم آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، ليفٽيننٽ جنرل عامر رضا (هلال امتياز ملٽري، ستاره بسالت) کي ترقي ڏيڻ سان گڏ نئين ذميواري پڻ ڏني وئي آهي.

وزيراعظم شهباز شريف جنرل عامر رضا کي ترقي ۽ نئين مقرري تي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته هو پنهنجي پيشاورانه صلاحيتن سان قومي سلامتي جي اهم ذميوارين کي بهتر نموني نڀائيندا

وزيراعظم سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو پڻ اظهار ڪيو.

Share This Article
Leave a Comment