ملير ۾ 7 غيرقانوني افغان شهري گرفتار، هولڊنگ سينٽر منتقل

1 Min Read

ملير (شاهد ڇڄڙو) گڏاپ سٽي ٿاڻي جي پوليس، ايس ڊي پي او ميمڻ ڳوٺ ۽ ايس ايڇ او گڏاپ سٽي جي هدايتن تي ڪارروائي ڪندي 7 غيرقانوني افغان شهرين کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب گرفتار ٿيل سڀني ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ کين افغان هولڊنگ سينٽر منتقل ڪيو ويو.

گرفتار ٿيلن ۾ بلال، خليل، محمد اسماعيل، خالد امان الله، سعيد الرحمان ۽ محمد ڪاظم شامل آهن، جڏهن ته پوليس موجب هڪ ٻئي گرفتار ٿيل شخص جي سڃاڻپ به رڪارڊ ۾ شامل ڪئي وئي آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته غيرقانوني طور رهندڙ غيرملڪي شهرين خلاف قانون موجب ڪارروايون جاري آهن.

Share This Article
Leave a Comment