ملير: ڪٻاڙ جي گودام تي ڪم ڪندڙ 15 ورهين جو نينگر پراسرار نموني فوت، وارثن جو زهر ڏيڻ جو شڪ

1 Min Read

ملير: (شاهد ڇڄڙو) گهگهر ڦاٽڪ واسي 15 ورهين جو نينگر سهراب ڳوٺ ۾ ڪٻاڙ جي گودام تي ڪم ڪرڻ دوران پراسرار نموني فوت ٿي ويو.

فوتي نينگر جو لاش گهر گهگهر ڦاٽڪ پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. فوتي نينگر وهاب پٺاڻ جي پيءُ غفار پٺاڻ واقعي بابت اسٽيل ٽائون پوليس کي اطلاع ڏنو.

نينگر جي پيءُ جو چوڻ آهي ته کيس خدشو آهي ته سندس پٽ کي زهر ڏئي ماريو ويو آهي.

اسٽيل ٽائون پوليس ضروري ڪارروائي بعد فوتي نينگر جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.

پوليس موجب واقعي بابت وڌيڪ جاچ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد شروع ڪئي ويندي.

Share This Article
Leave a Comment