نوشهرو فيروز: (محمد عادل عباسي) نيشنل هاءِ وي تي تيز رفتار ڪوچ موٽر سائيڪل سوار کي چيڀاٽي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان موقعي تي ئي فوت ٿي ويو.
پوليس موجب فوتي جي سڃاڻپ ابرار پٽ عبدالستار رند، رهواسي رند موري طور ڪئي وئي آهي.
حادثي جي اطلاع تي پوليس ۽ امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهتيون ۽ لاش کي ضروري قانوني ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.


