توانائي شعبي جو گردشي قرض وڌي 1740 ارب رپين تائين پهچي ويو

2 Min Read

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) جون 2026ع تائين توانائي شعبي جو گردشي قرض وڌي 1740 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) سان طئي ڪيل هدف موجب ان کي 1600 ارب رپين تائين محدود رکڻو هو.

ذريعن موجب گذريل مالي سال دوران بجلي شعبي جي گردشي قرض ۾ ٿيندڙ 400 ارب رپين جي واڌ کي سبسڊي جي مد ۾ ايڊجسٽ ڪرڻو هو. آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان جي معاشي ٽيم وچ ۾ ڳالهين دوران گردشي قرض ۾ نئين واڌ کي روڪڻ لاءِ ”زيرو اِن فلو“ هدف مقرر ڪيو ويو هو، جنهن تحت قرض کي 1600 ارب رپين تائين رکڻو هو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل مالي سال دوران بجلي شعبي جي گردشي قرض ۾ 480 ارب رپين جو واڌارو ٿيو، جڏهن ته ناڻي واري وزارت قرض جي ايڊجسٽمينٽ لاءِ لڳ ڀڳ 350 ارب رپيا فراهم ڪيا.

ان باوجود مجموعي قرض ۾ 130 ارب رپين کان وڌيڪ واڌ شامل ٿي وئي، جنهن کي ايڊجسٽ ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل وزارت ڪم ڪري رهي آهي.

ذريعن موجب حڪومت کي اميد آهي ته ايندڙ معاشي جائزي تائين بجلي شعبي جو گردشي قرض ٻيهر 1600 ارب رپين جي مقرر حد تائين آڻڻ جو هدف حاصل ڪيو ويندو.

Share This Article
Leave a Comment