واشنگٽن/تهران (ويب ڊيسڪ) آمريڪا پاران ايران خلاف ٻيهر هوائي حملن کانپوءِ قشم ٻيٽ ۾ هڪ رهائشي عمارت کي نقصان پهچڻ جي اطلاع آهي، جنهن ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا آهن، جڏهن ته امدادي ڪارروايون جاري آهن.
ايراني سرڪاري ميڊيا موجب قشم ٻيٽ تي آمريڪي حملي جو نشانو بڻيل عمارت جي ملبي مان هڪ ٻئي ٻار کي جيئرو ڪڍيو ويو آهي. امدادي ٽيمون اڃا تائين ملبي ۾ ڦاٿل ماڻهن جي ڳولا ۾ مصروف آهن.
رپورٽن موجب متاثر عمارت ۾ هڪ ئي خاندان جا پنج ماڻهو رهندا هئا. مارجي ويلن ۾ هڪ مڙس، سندس زال ۽ سندن ٻن سالن جو ٻار شامل آهن، جڏهن ته ٻه ٻار زخمي حالت ۾ اسپتال داخل آهن.
آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽ ڪام) جو چوڻ آهي ته وچ اوڀر ۾ آمريڪي فوج تي حملن جي جواب ۾ ايران اندر هدفن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي.
هوڏانهن آمريڪا ايران خلاف سامونڊي ناڪابندي به وڌيڪ سخت ڪري ڇڏي آهي.
آمريڪي فوج موجب هن وقت تائين 20 واپاري جهازن جو رخ تبديل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪجهه جهازن جي تلاشي پڻ ورتي وئي آهي.
ايراني ميڊيا موجب قشم ۽ ڏکڻ ايران جي مختلف علائقن ۾ ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا. ايران دعويٰ ڪئي آهي ته هن اردن ۾ آمريڪي فوجي اڏن ۽ هرمز لنگهه ۾ جهازن کي نشانو بڻايو.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي وڌيڪ سخت حملن جي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته آمريڪا سخت جواب ڏيندو. ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته آمريڪي فوج دشمن جا ميزائل ناڪام بڻائي ڇڏيا آهن.
ٻئي طرف آمريڪي فوجي حڪمت عملي بابت اختلافن جون رپورٽون پڻ سامهون آيون آهن، جتي ڪجهه اهلڪار وڌيڪ بمباري جا حامي آهن، جڏهن ته ڪجهه فوجي وسيلا ۽ دفاعي نظام محفوظ رکڻ جي حق ۾ آهن.
مبصرن جو چوڻ آهي ته آمريڪي حملن، ايران جي جوابي قدمن ۽ هرمز لنگهه ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب وچ اوڀر ۾ صورتحال وڌيڪ ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي جڏهن ته تيل اگهه پڻ وڌي رهيا آهن.


