ميهڙ (رپورٽ: عبدالله سومرو) تعلقه اسپتال ميهڙ ۾ ڊيوٽي ڪندڙ سيڪيورٽي گارڊ رستم عرف ساگر کوسو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويو.
ڳوٺ شينهن جو دڙو جو رهواسي رستم کوسو ڊيوٽي ختم ڪري گهر وڃي رهيو هو ته اسپتال جي مين گيٽ ڀرسان درياڻي هوٽل وٽ هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪري کيس سخت زخمي ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا.
اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي کي علاج لاءِ گمس اسپتال ميهڙ منتقل ڪيو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.
پوليس لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. پوليس موجب واقعو مبينا طور پراڻي دشمني تان پيش آيو آهي، جنهن جي مختلف رخن کان جاچ جاري آهي.
آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس ميهڙ اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل نه ٿي سگهيو هو.


