راڻيپور ڀرسان اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل

1 Min Read

راڻيپور: (رپورٽر) راڻيپور ڀرسان ڳوٺ قيصر شاهاڻي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو.

رپورٽن موجب اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري مظهر عرف ببلو شاهاڻي کي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن بعد جوابدار فرار ٿي ويا.

اطلاع ملڻ تي راڻيپور پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ ورتو ۽ ضروري قانوني ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.

پوليس موجب واقعي جي مختلف رخن کان جاچ جاري آهي، جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڳولا ۽ سرچ آپريشن پڻ شروع ڪيو ويو آهي.

Share This Article
Leave a Comment