روهڙي ڪئنال ۾ ٻڏي ويل ڀرياسٽي واسي نادر ڪلهوڙي جو 21 ڪلاڪن بعد لاش هٿ

1 Min Read

نوشهروفيروز: (محمد عادل عباسي) ڀرياسٽي جي وارڊ نمبر 5 ڪلھوڙا ڪالوني واسي 20 ورهين جي نوجوان نادر ولد غلام شبير ڪلھوڙي جو روهڙي ڪئنال مان 21 ڪلاڪن جي مسلسل ڳولا کانپوءِ لاش هٿ ڪيو ويو.

وارثن الزام هنيو آهي ته پوليس پاران مبينا طور نوجوان کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن سبب هو خوف وچان ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي ٻڏي ويو. وارثن واقعي خلاف احتجاج ڪندي اعليٰ اختيارين کان شفاف جاچ ڪرائڻ ۽ ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪيو.

ٻئي پاسي ايس ايڇ او ڀريا ذوالفقار ڀنڀرو وارثن جا الزام رد ڪندي چيو آهي ته نادر ڪلھوڙي جي پويان ڪا به پوليس موجود نه هئي. سندس چوڻ موجب نوجوان وهنجڻ لاءِ ڪئنال ۾ لٿو هو، جتي پاڻيءَ جي تيز وهڪري سبب ٻڏي ويو.

ايس ايڇ او موجب واقعي واري ڏينهن پوليس عملو نادرا انسپيڪشن جي سلسلي ۾ ڀريا روڊ تي ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيو هو. پوليس جو چوڻ آهي ته مٿن لڳايل الزام بي بنياد آهن، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.

Share This Article
Leave a Comment