ڪوئيٽا/پشاور (م ڊ) بلوچستان جي علائقن ڪمبيلا ۽ عاصم آباد ۾ سيڪيورٽي فورسز آپريشن ردالفتنہ 3 تحت ڪارروائي ڪندي فتنه الهندستان سان لاڳاپيل 3 دهشتگردن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
سيڪيورٽي ذريعن موجب سرچ اينڊ سينيٽائيزيشن آپريشن دوران 68 چورس ڪلوميٽر علائقو ڪليئر ڪرايو ويو، جڏهن ته 2 دهشتگردن جا لاش پڻ هٿ آيا. ڪارروائي ۾ 4 دهشتگرد زخمي ٿيا، جن ۾ گروهه جو اڳواڻ شوڪت ماما پڻ شامل آهي، جڏهن ته 12 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو.
فورسز موجب دهشتگردن جون پناهه گاهون ختم ڪري فتنه الهندستان جا جهنڊا پڻ لاٿا ويا.
ٻئي طرف خيبرپختونخوا جي ضلعي هنگو ۾ انٽيليجنس بنياد تي آپريشن دوران ڀارتي سرپرستيءَ ۾ سرگرم فتنه الخوارج سان لاڳاپيل 7 دهشتگردن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.


