گمبٽ (ممتاز ميمڻ) گمبٽ ۾ ٻه ڏينهن اڳ گهر جي ڪمري مان زراعت کاتي جي آفيسر زاهد ڀٽي جو لاش هٿ اچڻ واري معاملي ۾ قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
مقتول جي پٽ آصف ڀٽي جي فرياد تي گمبٽ ٿاڻي تي داخل ڪيل ڪيس ۾ مقتول جي زال لطيفان شيخ، ملازم دانش شيخ، دانش جي زال عيني عرف ڪرن، راشد عرف راشو ۽ ملنگ شيخ کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي.
فرياد موجب، مقتول جي زال لطيفان شيخ ملڪيت جي معاملي تي زاهد ڀٽي سان ناراض رهندي هئي. فرياد ڪندڙ جو چوڻ آهي ته سندس والد 4 آگسٽ تي گم ٿيو، جنهن بابت هو ويڳي ماءُ کان پڇندو رهيو، پر کيس تسلي بخش جواب نه مليو. 6 آگسٽ تي کيس اطلاع مليو ته سندس والد کي مبينا طور قتل ڪري لاش گهر جي ڪمري ۾ دفن ڪيو ويو آهي.
ڊي ايس پي گمبٽ موجب، قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ايس ايڇ او گمبٽ جي اڳواڻي ۾ ٽيم جوڙي وئي آهي، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.


