واشنگتن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ ٻنهي ملڪن کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ ۾ پاڪستان جو ثالثي وارو ڪردار اهم رهيو، اهڙو تجزيو ڏکڻ ايشيا جي سيڪيورٽي، سياسي ۽ معاشي صورتحال بابت پاليسي پليٽ فارم سائوٿ ايشين وائسز طرفان سامهون آيو آهي.
تجزيي موجب پاڪستان اهڙي وقت ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ رابطو قائم ڪيو، جڏهن ٻنهي ڌرين وچ ۾ ڇڪتاڻ انتهائي وڌي چڪي هئي ۽ هڪ ٻئي کي نقصان پهچائڻ جو سلسلو به جاري هو.
رپورٽ موجب پاڪستان هڪ عالمي طاقت ۽ هڪ اهم علائقائي طاقت کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ ۾ اهم سفارتي ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته چين، فرانس، جرمني، ڀارت ۽ برطانيا جهڙيون وڏيون طاقتون به اهڙو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيون.
تجزيي مطابق اسلام آباد ۾ آمريڪي ۽ ايراني نمائندن وچ ۾ 20 ڪلاڪن کان وڌيڪ جاري رهندڙ ڳالهيون 1979ع کان پوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعليٰ ترين سطح جو سڌو سنئون رابطو قرار ڏنيون ويون آهن.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا ۽ ايران جنگبندي جي حوالي سان هڪ ٻئي تي ڀڃڪڙي جا الزام لڳايا، پر ان باوجود ٻنهي ڌرين ڳالهين جو عمل مڪمل طور تي ختم نه ڪيو.سائوٿ ايشين وائسز جي تجزيي موجب، اهڙي صورتحال ۾ ثالث کي ڳالهين جي ناڪامي جو ذميوار قرار ڏيڻ درست نه هوندو، ڇاڪاڻ ته سفارتڪاري جو بنيادي مقصد ڌرين کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ ۽ ڳالهين جو رستو کليل رکڻ هوندو آهي.


