تهران ( ويب ڊيسڪ ) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته عمان سان آبنائي هرمز بابت ڳالهين جو عمل آخري مرحلن ۾ داخل ٿي ويو آهي، پر عمان سان ٿيندڙ مفاهمت جو مطلب اهو ناهي ته آبنائي هرمز فوري طور کوليو ويندو.
صحافين سان ڳالهائيندي عباس عراقچي چيو ته آبنائي هرمز مان گذرندڙ سامونڊي ٽريفڪ لاءِ رستو طئي ڪرڻ، ان جي قانوني طريقيڪار ۽ انتظام بابت عمان سان ڳالهيون جاري آهن ۽ معاهدو ٿيڻ بلڪل ويجهو آهي.
ايراني پرڏيهي وزير موجب آبنائي هرمز کولڻ ٻين شرطن سان مشروط آهي، جن ۾ آمريڪا طرفان ”اسلام آباد مفاهمتي معاهدي“ جي مبينا ڀڃڪڙين جو ازالو ۽ هرجاني جي ادائيگي پڻ شامل آهي.
عباس عراقچي جو چوڻ هو ته آبنائي هرمز مان سامونڊي ٽريفڪ جي رستي تي اتفاق راءِ لاءِ فني ۽ قانوني مونجهار موجود آهن، تنهنڪري ايران ۽ عمان هن وقت هڪ عارضي سامونڊي رستي تي اتفاق ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جنهن کي بعد ۾ مرڪزي رستي جي بنياد طور استعمال ڪيو ويندو.
هوڏانهن ان کان اڳ ايران جي پاسدارانِ انقلاب پاران چيو ويو هو ته آبنائي هرمز ان وقت تائين نه کوليو ويندو، جيستائين آمريڪا ايران جون سموريون شرطون قبول نه ڪري.


