قمبر (رپورٽر) شهدادڪوٽ ۾ منشيات ۽ جوا بابت خبرون نشر ڪرڻ تان خانگي ٽي وي جي رپورٽر جليل جروار تي مبينا تشدد واري واقعي جو ڪيس اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي.
ڪيس ۾ بلاول بروهي، اظهر جروار سميت 8 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي. پوليس موجب جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن ۽ سندن گهرن تي ڇاپا هنيا ويا آهن، جڏهن ته ڪنهن گرفتاري جي تصديق ناهي ڪئي وئي.
واقعي تي مقامي صحافين ڳڻتي جو اظهار ڪندي ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کان جوابدارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ۽ صحافي کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.


