ايندڙ هفتا هارين لاءِ وڌيڪ ڏکيا ثابت ٿيڻ جو خدشو

1 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني هارين لاءِ ايندڙ هفتا وڌيڪ ڏکيا ٿيڻ جو خدشو آهي، ڇاڪاڻ ته عالمي مارڪيٽ ۾ فاسفورڪ ايسڊ جون قيمتون 16 ٽه ماهين جي بلند ترين سطح تي پهچي ويون آهن، جنهن جو سڌو اثر ڊي اي پي ڀاڻ تي پئجي سگهي ٿو.

ٽاپ لائن سيڪيورٽيز موجب 2026ع جي ٽئين ٽه ماهي دوران فاسفورڪ ايسڊ جي سراسري قيمت 1647 ڊالر في ٽن تائين پهچي وئي، جڏهن ته ٻي ٽه ماهي ۾ اها قيمت 1360 ڊالر هئي. نار جنگ سبب قيمتن ۾ تيزي آئي آهي.

پاڪستان لاءِ صورتحال وڌيڪ اهم آهي، ڇو ته ملڪ جي فاسفورڪ ايسڊ جي اٽڪل 50 سيڪڙو گهرج وچ اوڀر مان درآمد ڪئي وڃي ٿي.

عالمي مارڪيٽ ۾ ڊي اي پي جي قيمت به وڌي 840 ڊالر في ٽن ٿي وئي آهي، جيڪا 16 ٽه ماهين جي بلند ترين سطح آهي.

جيڪڏهن عالمي مهانگائي جو بار مقامي مارڪيٽ تائين منتقل ٿيو ته ڀاڻ وڌيڪ مهانگي ٿيندي، جنهن جو آخري اثر سڌو سنئون هاري جي کيسي تي پئجي سگهي ٿو.

Share This Article
Leave a Comment