ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) مير رضا ڪيس ۾ پوسٽ مارٽم رپورٽن ۾ تضاد سامهون اچڻ کانپوءِ سنڌ پوليس نئين جاچ ٽيم جوڙي ڇڏي. آءِ جي سنڌ جي آفيس پاران 9 آگسٽ 2026ع تي جاري ڪيل حڪم موجب نئين ٽيم 8 آگسٽ تي جاري ٿيل پوسٽ مارٽم رپورٽ جي روشني ۾ ڪيس جي جامع ۽ غيرجانبدار جاچ ڪندي.
ٽيم ۾ ڊي آءِ جي ڪرائيم اينڊ انويسٽيگيشن امير فاروقي چيئرمين، ايس ايس پي آر آر ايف سيد محمد علي رضا سيڪريٽري، جڏهن ته ايس پي انويسٽيگيشن ڪورنگي قيس خان، ايس پي انويسٽيگيشن سينٽرل انعم تجمل ۽ ايس آءِ او زمان ٽائون چوڌري غضنفر ميمبر مقرر ڪيا ويا آهن.
حڪم موجب ٽيم نئين شاهدي گڏ ڪرڻ، محفوظ رکڻ ۽ فرانزڪ، فني، جسماني ۽ حالتن تي ٻڌل ثبوتن جو جائزو وٺندي، جڏهن ته جاچ جي اڳڀرائي بابت روزاني رپورٽ پيش ڪئي ويندي.
نئين حڪم ۾ 8 آگسٽ واري رپورٽ کي 29 جولاءِ واري اصل پوسٽ مارٽم رپورٽ سان متضاد قرار ڏنو ويو آهي.


