مير رضا ڪيس افسوسناڪ، نئين جاچ ٽيم حقيقتون سامهون آڻيندي: آءِ جي سنڌ

1 Min Read

سکر ( رپورٽ: غفور شيخ ) آءِ جي سنڌ پوليس جاويد عالم اوڍو چيو آهي ته مير رضا جو واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي، ڪيس کي هر صورت ۾ بهتر نموني حل ٿيڻ گهرجي.

سکر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آءِ جي سنڌ چيو ته مير رضا ڪيس بابت نئين جاچ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا نئين سر جاچ ڪندي.

جاويد عالم اوڍو چيو ته سندس خيال ۾ ڪيس ۾ مس ڪميونيڪيشن جو مسئلو سامهون آيو آهي، جڏهن ته معاملي جي مڪمل جاچ کانپوءِ اصل حقيقت سامهون ايندي.

هن چيو ته پوليس ۽ سنڌ حڪومت جو مقصد ڪيس کي صحيح طريقي سان حل ڪرڻ آهي، جڏهن ته ڪيس بابت پيدا ٿيل ابهم جو وڏو سبب ميڊيڪل ليگل رپورٽ به رهي آهي، ڇاڪاڻ ته شروعاتي طور هڪ ڊاڪٽر طرفان مختلف رپورٽ ڏني وئي هئي.

آءِ جي سنڌ موجب اڳوڻي ڪميٽي کي جيڪي ثبوت فراهم ڪيا ويا، ان بنياد تي ان ڪميٽي ڪم ڪيو، پر هاڻي نوان ثبوت سامهون اچڻ کانپوءِ نئين طريقي سان جاچ شروع ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿي.

هن نئين جاچ ٽيم کي هدايت ڪئي آهي ته متاثر خاندان ۽ ميڊيا سان رابطي جو عمل کليل رکيو وڃي ۽ جاچ بابت ضروري معلومات شيئر ڪئي وڃي.

Share This Article
Leave a Comment