جيڪب آباد: سيڪيورٽي ڪليئرنس نه ملڻ سبب جعفر ايڪسپريس روڪي وئي

1 Min Read

جيڪب آباد  (حاڪم علي)  پشاور کان ڪوئيٽا ويندڙ جعفر ايڪسپريس کي سيڪيورٽي ڪليئرنس نه ملڻ سبب جيڪب آباد ريلوي اسٽيشن تي روڪيو ويو آهي.

ريلوي ذريعن موجب جعفر ايڪسپريس ۾ سوار مسافرن کي جيڪب آباد کان ڪوئيٽا تائين سفر جو ڪرايو واپس ڪيو ويو.

ٽرين جي روانگي روڪجڻ کانپوءِ مسافر ڪوچن ۽ ويگنن ذريعي ڪوئيٽا ڏانهن روانا ٿي ويا، جڏهن ته جعفر ايڪسپريس جيڪب آباد ريلوي اسٽيشن تي بيٺل آهي.

Share This Article
Leave a Comment