ملير: گلشنِ قادري ويجهو ٻوري مان ٽڪرا ٿيل لاش هٿ

1 Min Read

ملير(شاهد ڇڄڙو) گلشنِ قادري ويجهو ٻوري مان هڪ شهري جو لاش هٿ آيو آهي، جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.

پوليس موجب لاش جا ٽي ٽڪرا ٿيل آهن، جڏهن ته شروعاتي طور شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي ته اڻڄاتل جوابدارن شهري کي اغوا ڪرڻ بعد قتل ڪيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته امڪان آهي ته شهري کي ڪنهن ٻئي هنڌ قتل ڪرڻ کانپوءِ لاش جا ٽڪرا ٻوري ۾ وجهي هتي آڻي اڇلايا ويا.

پوليس واقعي بابت مختلف رخن کان جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته مقتول جي سڃاڻپ لاءِ پڻ ڪوششون جاري آهن.

Share This Article
Leave a Comment