گمبٽ(ممتاز ميمڻ) گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني تي ضابطو نه اچي سگهيو، هٿياربندن مشهور راڳي الله رکيو کوکر کان موٽرسائيڪل، موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته قومي شاهراهه تي به ڦر جي ڪوشش دوران هوٽل جي گارڊ جي هوائي فائرنگ سبب ڦورو فرار ٿي ويا.
مشهور راڳي الله رکيو کوکر موجب رات طبيعت خراب ٿيڻ بعد هو موٽرسائيڪل تي گمس اسپتال چيڪ اپ لاءِ وڃي رهيو هو ته رستي ۾ هٿياربندن کيس روڪي ورتو.
راڳي جو چوڻ آهي ته هن ڦورن کي منٿون ڪندي چيو ته هو فنڪار آهي ۽ سندس طبيعت خراب آهي، کيس وڃڻ ڏنو وڃي، پر جوابدارن هڪ به نه ٻڌي ۽ موٽرسائيڪل، موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪرڻ بعد کيس رستي تي ڇڏي فرار ٿي ويا.
راڳي موجب واقعي جي اين سي گمبٽ ٿاڻي جي چوڪي فقيرآباد تي داخل ڪرائي وئي آهي.


