پيٽ ۾ آنڊا رهائڻ جو الزام، نوشهرو فيروز ۾ اسپتال اندر فوت ٿيل عورت جي وارثن جو احتجاج

1 Min Read

نوشهرو فيروز (محمد عادل عباسي) نوشهروفيروز ڀرسان حسنين ميڊيڪل سينٽر ۾ مبينا غلط آپريشن سبب عورت فوت ٿي وئي، وارثن ۽ سياسي اڳواڻن پاران احتجاج ڪيو ويو.

وارثن جو الزام آهي ته ڳوٺ حاجي سائين رکيو چانڊيو جي رهواسڻ صدوري ڌيءَ ممتاز علي چانڊيو جو آپريشن دوران پيٽ ۾ آنڊن جا ٽڪرا رهجي ويا، جنهن سبب سندس حالت خراب ٿي وئي.

وارثن موجب نوابشاهه منتقل ڪرڻ تي ڊاڪٽرن غلط آپريشن سبب جسم ۾ زهر پکڙجڻ جي ڳالهه ڪئي.

وارثن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شهيد بينظيرآباد ۽ ايس ايس پي نوشهروفيروز کان مبينا ذميوار ڊاڪٽرن ۽ عملي خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف جو مطالبو ڪيو آهي.

Share This Article
Leave a Comment