سيوهڻ ۾ اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا، شاگرد زخمي، اسپتال داخل

1 Min Read

سيوهڻ: (رپورٽ: علي بخش سولنگي) سيوهڻ ۾ اسڪول جي ڇت جا چاپڙ اوچتو ڪري پوڻ سبب شاگرد ريحان پٽ مولا بخش ڀٽي زخمي ٿي پيو، جنهن کي علاج لاءِ سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ اسپتال سيوهڻ منتقل ڪري داخل ڪيو ويو.

واقعي بعد اسڪول ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو، جڏهن ته شاگرد جي زخمي ٿيڻ تي وارثن ۾ ڳڻتي جي لهر ڇانئجي وئي.

اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ واري واقعي هڪ ڀيرو ٻيهر اسڪولن جي عمارتن جي حفاظت ۽ سارسنڀال تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن.

والدين ۽ شهرين مطالبو ڪيو آهي ته سيوهڻ جي اسڪولن جي عمارتن جو فوري فني معائنو ڪرائي، خطرناڪ عمارتن جي مرمت ڪرائي وڃي، جيئن شاگردن ۽ استادن جون زندگيون محفوظ بڻائي سگهجن.

Share This Article
Leave a Comment