وفاقي حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو ڪري ڇڏيو

1 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جون نيون قيمتون جاري ڪري ڇڏيون آهن، جنهن تحت پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.

پيٽروليم ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 45 پئسا في ليٽر، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ هڪ رپيو 16 پئسا في ليٽر اضافو ڪيو ويو آهي.

قيمتن ۾ واڌ کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 325 رپيا 43 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڊيزل جي نئين قيمت 383 رپيا 95 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.

حڪومت پاران پيٽروليم مصنوعات جي نئين قيمتن جو اطلاق فوري طور تي ڪيو ويو آهي.

Share This Article
Leave a Comment