ڪراچي ۾ گڏهه گاڏن جي گوءِ، ڪوئل پهريون نمبر ماڻي ورتو!

1 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ جشن آزادي جي موقعي تي گڏهه گاڏن جي گوءِ ڪرائي وئي، جنهن ۾ شهر جي مختلف علائقن مان 40 گڏهه گاڏن حصو ورتو.

ريس نيٽي جيٽي پل کان شروع ٿي ڪمشنر آفيس تي ختم ٿي.

مجيد بلوچ جي گڏهه ڪوئل پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، جڏهن ته پيتل بخش جي چيما والا ٻي ۽ شاهجهان بلوچ جي لال بادشاهه ٽيون نمبر ماڻيو.

تقريب ۾ ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، جڏهن ته ايڊيشنل آءِ جي آزاد خان ۽ ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهه پڻ موجود هئا.

Share This Article
Leave a Comment